Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هائو، سڀني قومن کي پنهنجي آڏو آڻي گڏ ڪر، ۽ انهيءَ ميڙي جي مٿان تون عرش تان پنهنجو حڪم هلاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنجي چوڌاري ماڻهن جي جماعت گڏ ٿئي: ۽ تون انهن تان آسمان ۾ موٽي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 7:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.


اُٿ اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي وڪالت لاءِ اُٿي کڙو ٿيءُ. اي منهنجا خدا! هاڻ تون انصاف منهنجي پلئِہ وجھہ.


اي خدا! تون منهنجو انصاف ڪر، نافرمانن جي ڀيٽ ۾ تون منهنجي وڪالت ڪر. هائو، ٺڳن ۽ بي‌انصافن کان تون منهنجو بچاءُ ڪر،


سو تنهنجي صحيح فيصلن جي ڪري، شل تہ صيئون وارا خوشيون ڪن، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا خوش ٿين.


اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! اي قادرِمطلق خدا! اُٿ، تون سڀني قومن کان حساب وٺ. تون ڪنهن بہ بدڪار دغاباز تي ڪو قياس نہ ڪر.


پر اي خداوند! تون انهن بحرن جي گوڙ شور کان وڌيڪ قوي آهين. تون سمنڊن جي وڏين ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهين. هائو، عرش عظيم تي سڀني جي مٿان قادر تون ئي آهين.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ