زبور 7:3 - Muslim Sindhi Bible3-4 اي خداوند، منهنجا خدا! جيڪڏهن منهنجي هٿن مان ڪو ظلم جو ڪم ٿيو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مون نيڪيءَ جي بدلي بدي ڪئي آهي، بلڪ دشمن جي بديءَ جي بدلي ۾ بہ جيڪڏهن نيڪي ڪري کيس نہ بچايو اٿم، هائو، جيڪڏهن مون کان اهڙو ڪو ڪم ٿيو آهي، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 اي خداوند، منهنجا خدا، جيڪڏهن مون هي ڪيو آهي؛ جيڪڏهن منهنجي هٿان ڪا بڇڙائي ٿي آهي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ ڇو اوهان منهنجي خلاف سازش ڪئي، جو جڏهن منهنجي پٽ يسيءَ جي پٽ سان عهد ٿي ڪيو، تڏهن ڪنهن بہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نہ ٻڌائي؟ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نہ ڏکيو؟ ڪنهن بہ مون کي نہ ٻڌايو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪر کي لڪ چوريءَ منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي، ايتري قدر جو اهو منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪو ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.“
سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.