Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 7:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اوهان جي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي ڏينهن اهي ٻئي جھنگ ۾ وڙهي پيا. کين ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، سو انهن مان هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ قصوروار نہ آهيان، ۽ اهو بہ تہ تنهنجي هٿان مون کي ڪوبہ ڇڏائي نہ ٿو سگھي؟


جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.


آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“


اي خدا! تون منهنجي حفاظت ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ ٿو وٺان.


اُهي انهيءَ بگھڙ جيان آهن جيڪو چير ڦاڙ جو ڪوڏيو هجي. هائو، اُهي انهيءَ وحشي بگھڙ جيان آهن، جيڪو شڪار لاءِ ڳجھي هنڌ ڇپ هڻي ٿو ويهي.


هو چيريندڙ ڦاڙيندڙ ۽ گُرڪندڙ بگھڙ وانگر، مون لاءِ پنهنجا وات ڦاڙيو ويٺا آهن.


تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏيئي سگھو ئي مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. تون مون لاءِ مضبوط محافظ ۽ منهنجي پناهہ‌گاهہ ٿجانءِ.


پر جڏهن مون کي ٿاٻو آيو تڏهن هو خوش ٿي اچي گڏيا. اهي ظالم ماڻهو ميڙ ڪري اچي مون تي ڪڙڪيا، ۽ جڏهن انهن منهنجو ماس پئي پٽيو، تڏهن اهي مون کي سڃاڻڻ ۾ ئي نہ پئي آيا.


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


هائو، انهن بدڪارن کان مون کي ڇڏاءِ، ۽ انهن خونين کان تون مون کي بچاءِ.


بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.


سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.


جد قبيلي بابت هن چيو تہ ”شال خدا سڳورو هجي، جيڪو بني جد جو علائقو وڌائي ٿو، جتي هو اهڙي شينهن جيان گھات ۾ ويٺا آهن، جيڪو پنهنجي شڪار جي ٻانهن بلڪ مٿو بہ ڦاڙيو ٿو ڇڏي.


پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ