15 هو ٻين جي لاءِ اونهي کڏ کوٽين ٿا، پر پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ئي وڃيو ڪرن ٿا.
15 هن کڏ کوٽي اونهي ڪئي، پر جا کڏ هن کوٽي، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪري پيو.
سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.
جيئن تہ شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي، سو هو بدڪاري ئي ڄڻين ٿا. بيشڪ سندن پيٽن ۾ ٺڳي پيئي نسري.“
بلڪ مون تہ ڏٺو آهي تہ جيڪي بدڪاريءَ جو هر ٿا ڪاهين، ۽ ايذائڻ جو ٻج ٿا پوکين، سي لڻن بہ بدڪاري ۽ ايذاءُ ئي ٿا.
ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟
بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.
اهي ئي مغرور ماڻهو، جيڪي شريعت تي نہ ٿا هلن، تن منهنجي واسطي کڏون کوٽيون آهن.
شل تہ اهي بڇڙا ماڻهو پنهنجن ڦندن ۾ پاڻ ئي ڦاسن، جڏهن تہ آءٌ سلامتيءَ سان بچي نڪران.
منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بيوس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.
بدڪار ماڻهو جڏهن انهن لاءِ مصيبتون پيدا ڪن ٿا، تڏهن تون کين آرام ٿو بخشين ۽ بدڪارن کي قبر داخل ٿو ڪرين.
جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽي ٿو، سو پاڻ انهيءَ ۾ ڪرندو. جيڪو ٻين مٿان ڇپ اٽلائي ٿو، سا موٽي اچي انهيءَ مٿان ڪرندي.
بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.
اوهان جون تباهيءَ واريون ڳالهيون باهہ مثل آهن، اهڙيءَ باهہ مثل جيڪا خود اوهان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. هائو، اوهان جا بيڪار منصوبا بُهہ جيان، ۽ اوهان جا فضول ڪم سڪل گاهہ جيان سڙي ناس ٿيندا.
عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.
مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.
انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ دارا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن ڏانهن هي خط لکيو تہ ”شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.