11 بيشڪ خدا ئي سچو انصاف ڪندڙ آهي، هائو، اهڙو خدا جيڪو روزانو بدڪارن کي غصو ٿو ڏيکاري.
11 خدا سچو منصف آهي؛ بلڪ اهڙو خدا جو هر روز غصي ٿو ٿئي.
آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي.
اي خداوند! انسانذات جو انصاف ڪندڙ تون ئي آهين. سو منهنجي سچائيءَ ۽ صداقت موجب منهنجو انصاف ڪر.
بيشڪ بيانصافي ختم ٿيندي ۽ انصاف سچارن جي هٿ ايندو. پوءِ سڀيئي سچيءَ دل وارا انصاف جي پيروي ڪرڻ لڳندا.
خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.
ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.