هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.
پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.
اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.