Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 69:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اي خداوند، قادرِمطلق خدا! جيڪي تو تي توڪل رکن ٿا، سي شل منهنجي ڪري ڪڏهن شرمندا نہ ٿين! اي بني اسرائيل جا خدا! منهنجي ڪري تنهنجا طالب بدنام نہ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اي خدا لشڪرن جا خدا جيڪي تو ۾ اُميد ٿا رکن، سي منهنجي ڪري شرمندا نہ ٿين: اي اسرائيل جا خدا، جيڪي تنهنجا طالب آهن سي منهنجي ڪري بدنام نہ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 69:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل جو خدا جيڪو اسان جو محافظ آهي، تنهن مون کي هي فرمايو آهي تہ ’جيڪو بادشاهہ سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، ۽ مون خدا کان ڊڄندي بادشاهي ڪري ٿو،


بيشڪ، جن کي تو تي ڀروسو آهي، تن مان ڪوبہ شرمسار نہ ٿيندو، پر جيڪي ناحق دغا ٿا ڪن تن کي ئي ذليل وَ خوار ڪيو ويندو.


منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!


هائو، سڀني قومن کي پنهنجي آڏو آڻي گڏ ڪر، ۽ انهيءَ ميڙي جي مٿان تون عرش تان پنهنجو حڪم هلاءِ.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ جڏهن هو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهندا هئا، تڏهن انهن کي وڏي قوم بڻايائين. پوءِ خدا پنهنجي عظيم قوت سان انهن کي مصر مان ڪڍي آندو


هاڻي جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيندڙ موڪليو، يعني عيسيٰ.


انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ