5 اي خدا! منهنجي نادانيءَ کي تون ئي ٿو ڄاڻين، منهنجا گناهہ تو کان ڳجھا ڪين آهن.
5 اي خدا، منهنجي بي عقلي تون ڄاڻين ٿو؛ ۽ منهنجا گناهہ تو کان ڳجها نہ آهن.
ڀل تون منهنجيءَ دل کي آزمائي ڏس، هائو، رات جو اچي مون کي چڪاسي ڏس. ڀل مون کي جاچي ڏس، تون مون ۾ ڪابہ خرابي ڪين لهندين. مون اهو اٽل ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي زبان مان برائيءَ جي اهڙي ڪا ڳالهہ نہ نڪري،
اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.
اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بيسبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.
منهنجي نادانيءَ جي ڪري منهنجو پورو بدن ڦٽجي پيو آهي. اهي ڦٽ ايترا تہ ڪنا ٿي ويا آهن، جو انهن منجھان بانس ٿي اچي.
اي منهنجا رب! منهنجيون سڀيئي مرادون تو آڏو آهن، تو کان منهنجي ڪا ڪنجھڪار لڪل ڪين آهي.
ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟