Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 69:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪي بنا سبب مون سان دشمني رکن ٿا، سي مٿي جي وارن کان بہ گھڻا آهن. جيڪي ناحق منهنجا مخالف بڻيا آهن، سي زورآور آهن ۽ مون کي تباهہ ڪرڻ گھرن ٿا. جيڪي مون ڪڏهن چورايو ئي ڪونهي، سو هو مون کان واپس وٺڻ گھرن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪي بنا سبب مون سان دشمن ٿا رکن سي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ گهڻا آهن: جيڪي ناحق مون سان دشمني ڪري مون کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرن سي زوراور آهن: انهي ڪري جيڪي مون کسيو ڪونہ هو، سو مون ڀري ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 69:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بي‌سبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.


آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.


ڏس، هو منهنجي جان وٺڻ لاءِ تاڙيو ويٺا آهن. اهي خونخوار ماڻهو منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن. اي خداوند! توڙي جو منهنجو ڪوبہ گناهہ يا خطا ناهي،


رنج سبب روئندي روئندي منهنجيون اکيون بہ ويهجي ويون آهن. دشمنن جي رنجائڻ جي ڪري اُهي هيڻيون ٿي ويون آهن.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو گناهہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ