32 خدا جو بچائڻ ڏسي مظلوم خوشيون ڪندا، ۽ خدا جي طالبن جا حوصلا بلند ٿيندا.
32 نماڻا اهو ڏسي خوش ٿا ٿين: اوهين جي خدا جا طالب آهيو، اوهان جي دل جيئري رهي.
غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!
دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.
جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو.
هائو، آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. جيڪي بہ ڏکايل آهن سي اها ٻڌي خوش ٿيندا.
اوهين مون کي ٻڌايو تہ آءٌ ڪو وهڙن جو گوشت کائيندس ڇا؟ يا وري ٻَڪَرن جو رت پيئندس ڇا؟
مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.
اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.
ائين چوڻ کان پوءِ هن شاگردن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.