24 تون انهن جي مٿان پنهنجو سخت غضب نازل ڪر. شال اهي تنهنجي قهر وَ غضب سان بلڪل ئي وڪوڙجي وڃن!
24 انهن تي پنهنجو غضب نازل ڪر، ۽ تنهنجي غصي جو جوش کين وڪوڙي وڃي.
انهن قومن تي پنهنجو قهر نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون سڃاڻن. هائو، انهن بادشاهتن تي غضب نازل ڪر، جيڪي تنهنجي بندگي نہ ٿيون ڪن.
ادوم جي اڳواڻن کي پڻ دهشت اچي ورتو، موآبي اڳواڻن کي بہ بيحد ڏڪڻيءَ اچي ورايو، ۽ ڪنعان جو هر ڪو رهاڪو همت هاري ويٺو.
هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جي اڳواڻن اسرائيل جي علائقي تي ائين قبضو ڪيو آهي، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کان اڳتي وڌي وڃي. سو آءٌ انهن جي مٿان پنهنجو قهر ٻوڏ وانگر چاڙهي آڻيندس.
پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہتائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادرمطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“
اهي خدا جي غضب جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پاڪ ڪلام جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين.
تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘
پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“