18 اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.
18 منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.
يا مون کي دشمنن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟“
اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟
هن پنهنجي قوم کي ڇڏايو، ۽ ساڻن پنهنجو هميشہ وارو عهد ٻڌو. بيشڪ سندس نالو پاڪ ۽ هيبتناڪ آهي.
اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.
منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟
گھڻن دشمنن ويڙهاڪن ڏاندن جيان منهنجو اچي گھيرو ڪيو آهي. هائو، بسن ملڪ جي زورآور ڏاندن جيان هو مون کي وڪوڙي ويا آهن.
سو اي خداوند! تون مون کان پري نہ ٿيءُ. اي منهنجا واهرؤ! تون سِگھو اچي منهنجي مدد ڪر.
تون اچي منهنجي جان کي تلوارن کان ڇڏاءِ. تون هنن ڪتن جي چڪ منجھان منهنجي قيمتي حياتي اچي بچاءِ.
سو تون مون کان پنهنجو منهن نہ موڙ، ۽ ڪاوڙ مان پنهنجي ٻانهي کي پاڻ وٽان لوڌي نہ ڪڍ. تون ئي تہ منهنجو مددگار آهين، مون کي پاڻ کان پري نہ ڪر. اي منهنجا بچائيندڙ خدا! تون مون کي ڇڏي نہ ڏي.
اي خداوند، سچائيءَ جا خدا! تون مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. آءٌ پنهنجو پاڻ کي تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.
مگر خداوند مون کي پاڻ وٽ قبول ڪندو، ۽ قبر جي پڪڙ کان ڇڏائيندو.
اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟
اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“
پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن، جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي، هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘
ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“