Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 69:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر اي خداوند! آءٌ تو کان دعا گھران ٿو. پنهنجي قبوليت جي وقت تي تون ان کي اگھاءِ. اي خدا! پنهنجي دائمي ٻاجھہ سان منهنجي مدد ڪر، ۽ پنهنجو بچائڻ وارو واعدو پورو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر اي خدا تنهنجي رضامنديءَ جي وقت ۾ منهنجي دعا تو وٽ ايندي: اي خدا پنهنجي بيحد گهڻي رحم سان، پنهنجيءَ نجات جي سچائيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 69:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“


جڏهن شهنشاهہ راڻي آستر کي ايوان جي آڏو بيٺل ڏٺو، تڏهن هو راڻيءَ تي مهربان ٿيو ۽ سندس هٿ ۾ جيڪا سوني شاهي لٺ هئي سا آستر ڏانهن وڌايائين. آستر اڳتي وڌي اچي لٺ جي چوٽيءَ کي ڇهيو.


شهنشاهہ مئي پيئڻ مهل راڻي آستر کي وري چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھر. جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


ان ٻئي ڏينهن تي بہ مئي پيئڻ وقت شهنشاهہ راڻي آستر کان وري پڇيو تہ ”راڻي آستر! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اهو قبول ڪيو ويندو. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ شهنشاهت جو اڌ بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


اهڙيءَ طرح هر ڪنهن نيڪ بندي کي تنگيءَ جي وقت تي تو کان دعا گھرڻ کپي، تڏهن تڪليفن جو وڏو سيلاب بہ انهن تائين پهچي ڪين سگھندو.


اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


هن بني اسرائيل جي خاطر پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا کي ياد فرمايو آهي. هائو، دنيا جي سڀني ماڻهن ڏٺو آهي تہ اسان جي خدا ڪيئن اسان کي بچايو آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


صبح کان وٺي رات تائين اٿندي ويهندي اهي مون تي ٽوڪ ٺٺولين وارا راڳ ڳائين ٿا.


تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.


هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.


جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.


ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”قبوليت واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبوليت جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


تون انهن کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا. تنهنڪري منهنجا هي نوڪر تو وٽ مان لهن، ڇو تہ اسين سٺن ڏينهن ۾ تو وٽ آيا آهيون. سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ تو وٽ ٿي سگھي سو پنهنجي ٻانهن ۽ مون پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ