11 جڏهن مون ڏک وچان کٿي کي پنهنجو لباس بڻايو هو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ آءٌ چرچو بڻجي ويو هئس.
11 جڏهن مون کٿو ڍڪيو تڏهن آءٌ انهن وٽ هڪڙو پهاڪو ٿيس.
تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪنهاب ٿي پوندا.
خدا مون کي ماڻهن لاءِ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيو آهي، آءٌ اهڙو ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿڪون ٿا هڻن.
فاقن جي ڪري منهنجي جسم تي رڳو چم ۽ هڏيون وڃي بچيون آهن، ۽ منهنجا گوڏا بہ ڪمزور ٿي ويا آهن.
انهيءَ کان ٽي سال اڳ ۾ خداوند يسعياہ ولد آموص کي فرمايو هو تہ ”اي يسعياہ! جتيءَ سميت پنهنجي بدن تان هر شيءِ لاهي ڇڏ.“ يسعياہ ائين ئي ڪيو ۽ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو گھمندو ڦرندو رهيو.
انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.
آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.
اي قربانگاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.
سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.
جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.