تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.
انهيءَ ڏينهن تي ماڻهو ڳائي چوندا تہ ”خداوند جو شڪرانو بجا آڻيو، هن جي نالي کي ساراهيو. سڀني قومن ۾ سندس ڪمن کي پڌرو ڪريو. ماڻهن کي ٻڌايو تہ هن جو نالو ڪيڏو نہ بلند وَ بالا آهي!
اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“
تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“