Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس نالي جي تعريف ڪريو. جيڪو بادلن جو سوار آهي تنهن جو شان بيان ڪريو. جنهن جو نالو خداوند آهي تنهن جي حضور ۾ سرها ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، هن جي نالي جي تعريف ڳايو: جو رڻ پٽ مان سواري ڪري ٿو لنگهي تنهن لاءِ سڙڪ تيار ڪريو؛ هن جو نالو يهوواہ آهي؛ اوهين خدا جي حضور ۾ سرها ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي ماڙين کي آسمان تي تعمير ڪيو آهي. تون ڪڪرن کي پنهنجي سواري بڻائين ٿو، ۽ واءُ جي بازن تي پرواز ڪرين ٿو.


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


هو پردار آسماني مخلوق تي سوار ٿي اڏامندو آيو، هائو، هو واءُ جي بازن تي پرواز ڪندو آيو.


اي خداوند! سچارن کي تون ئي برڪتون عطا ڪندين. تون پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڍال وانگر سندن بچاءُ ڪندين.


اوهين سندس نالي جي عظمت جا گيت ڳايو، هائو، اوهين سندس شاندار واکاڻ بيان ڪريو.


سڄي ڌرتي تو کي سجدو ڪندي ۽ تنهنجا گيت ڳائيندي. هائو، اُهي تنهنجي نالي جا گيت پيا ڳائيندا.“


شال قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائيءَ جا گيت ڳائين! ڇوجو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪرين ٿو، ۽ ڌرتيءَ جي سڀني قومن جي رهنمائي ڪرين ٿو.


هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي.


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


سچار ماڻهن جي مٿان خدا جو نور نازل ٿئي ٿو، هائو، سچيءَ دل وارن کي خوشيون عطا ٿين ٿيون.


خدا موسيٰ کي چيو تہ ”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘


جڏهن مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو ’خداوند‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندس جنهن بابت مون قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيندس. آءٌ اوهان کي اهو ملڪ ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.‘“


سچارن جي اميد پوري ٿيڻ سان کين خوشي عطا ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي اميد ڪڏهن بہ پوري نہ ٿي ٿئي.


مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.


پڪارڻ وارو وڏي واڪي چوي ٿو تہ ”بيابان ۾ خداوند جي لاءِ رستو تيار ڪريو. هائو، ريگستان ۾ اسان جي خدا لاءِ واٽ سڌي ڪريو.


لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.


پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو عرش کان ڪڪرن تي حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ