Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اي دنيا جون بادشاهتون! اوهين خدا جا گيت ڳايو، اوهين ڌڻيءَ جي واکاڻ جا گيت ڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اي زمين جون بادشاهتون خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو؛ ۽ خداوند جي تعريف ڳايو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:32
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خوشيءَ مان خداوند جا نعرا هڻو.


انهيءَ وقت سڀيئي قومون ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.


انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.


اهڙيءَ طرح خداوند پنهنجو پاڻ کي مصر وارن تي ظاهر ڪندو ۽ پوءِ مصرين ۾ خداوند جي سڃاڻ ايندي. سو اهي قربانين ۽ نذرانن پيش ڪرڻ سان خداوند جي عبادت ڪندا. هو خداوند جي حضور ۾ باسون باسيندا ۽ اهي پوريون ڪندا.


سو اي غير قومون! اوهين خدا جي قوم کي ساراهيو، ڇوجو هو پنهنجي انهن ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندو. هائو، جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو سزا ڏيندو، ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ڪفارو ڏيندو.“


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ