Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:30 - Muslim Sindhi Bible

30 جيڪي وحشين جيان ڪانن وارن ٻوڙن ۾ رهن ٿا، ۽ انهن قومن جا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو، جيڪي جھنگلي سانَهن ۽ انهن جي ٻچن جيان آهن، تن سڀني کي تون ڇينڀ ڪڍ، جيستائين اهي اچي تو کي سجدو نہ ڪن، ۽ تو آڏو چاندي پيش نہ ڪن. اهڙين قومن کي تون ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏ، جيڪي جنگ ڪرڻ ۾ خوش ٿين ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تون سَرن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن کي ۽ سانن جي ٽوليءَ کي، ۽ اُمتن جي گابن کي ڌمڪايو، جي چانديءَ جي سڪن کي پائمال ٿا ڪن؛ جن قومن کي جنگ ڪرڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي، تن کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:30
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان علاوہ واپاري ۽ سوداگر ٽيڪس بہ ڀريندا هئا. سمورا عرب بادشاهہ ۽ اسرائيل ملڪ جا حاڪم پڻ سون ۽ چاندي سليمان وٽ آڻيندا هئا.


سال بسال هر ڪنهن پنهنجو نذرانو ٿي آندو، جنهن ۾ چانديءَ ۽ سون جا ٿانوَ، جبا، هٿيار، مصالحا، گھوڙا ۽ خچر شامل هوندا هئا.


هو ڪنڊن جي ٻوٽن پٺيان ۽ ڌٻڻ ۾ ڪانن جي هيٺان ليٽي لڪيو وڃي.


آءٌ تہ صلح جو ڏاڍو ڪوڏيو آهيان، پر جڏهن صلح جي ڳالهہ ٿو ڪريان تڏهن هو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو وڃن.


اهي منهنجو نالو ٻڌڻ سان ئي منهنجا فرمانبردار ٿي ويا آهن، ۽ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪيا آهن.


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


تو سامونڊي بلا رهب کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي. تو پنهنجو زورآور هٿ کڻي پنهنجي ويرين کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي.


ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا رهاڪؤ! اوهين ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿا ٿيو، اي منهنجي قوم کي لٽڻ وارؤ! اوهين اَنُ لتاڙيندڙ گابن وانگر ٽپا ٿا ڏيو. اوهين متل گھوڙن وانگر هڻڪار ٿا ڪريو.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


بيشڪ گھڻيون ئي قومون ۽ زبردست حڪومتون مون قادر‌مطلق خداوند جي عبادت لاءِ يروشلم ۾ اينديون ۽ مون کان دعا گھرنديون.


منهنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آهي،


اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ