زبور 68:29 - Muslim Sindhi Bible29 اها ئي قدرت تون هيڪل مان ظاهر ڪر، جيڪا يروشلم ۾ آهي، جتي بادشاهہ تنهنجي لاءِ نذرانا ٿا آڻين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 تنهنجي هيڪل جا يروشلم ۾ آهي، تنهنجي ڪري بادشاهہ تو وٽ نذرانا آڻيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.
هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.