Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اڳيان اڳيان ڳائڻ وارا ۽ پٺيان پٺيان وڄائڻ وارا آهن، وچ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون آهن جيڪي دڦ ٿيون وڄائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 اڳيان ڳائڻ وارا هئا، ۽ پٺيان وڄائڻ وارا هئا؛ ۽ وچ ۾ ڪنواريون هيون جن دف پئي وڄايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.


بيشڪ تنهنجي دائمي شفقت مون لاءِ حياتيءَ کان بہ بهتر آهي. منهنجي زبان سدائين تنهنجي تعريف پيئي ڪندي.


تون ئي تہ خدا آهين جيڪو عجيب ڪم ڪرين ٿو. تو قومن ۾ پنهنجي قدرت ظاهر ڪئي آهي.


بيشڪ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نچندي هيئن ڳائيندا تہ ”اي يروشلم! اسان جي هر برڪت جو سرچشمو تون ئي آهين.“


تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.


تڏهن ڪنواريون ڇوڪريون نچنديون ۽ خوشيون ڪنديون، بلڪ جوان مرد توڙي پوڙها پڻ. آءٌ انهن جي غم کي خوشيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ کين غم جي عيوض خوشي ۽ راحت عطا ڪندس.


آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.


پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گھر موٽي آيو، تڏهن ڇا ٿيو جو سندس ڌيءَ دڦ وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ نڪري آئي. کيس اها هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ٻيو ڪوبہ پٽ يا ڌيءَ ڪونہ هئس.


دائود جي فلستي جالوت کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لشڪر پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچي رهيو هو، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني شهرن مان عورتون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، نچنديون ۽ دڦ ۽ تار وارا ساز وڄائينديون سائول بادشاهہ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ