23 تانتہ اوهين انهن جي رت ۾ پير ٻوڙيندا هلو. هائو، اوهان جا ڪتا پڻ انهن دشمنن جو رت چٽيندا.“
23 تان تہ تون پنهنجو پير رت ۾ ٻوڙين، ۽ تنهنجا دشمن ڪتن جي لاءِ قوت ٿين.
انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“
سندس جنگي گھوڙي گاڏي سامريہ جي انهيءَ تلاءَ وٽ ڌوتي ويئي، جتي ڪسبياڻيون تڙ ڪنديون هيون ۽ جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ڪتن هن جو رت چٽيو.
سچار جڏهن اهو بدلو ڏسندا تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ بدڪارن جي رت ۾ پنهنجا پير ٻوڙيندا.
جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس. جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ هوءَ کين ڏنگي وجھي.