Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيا، تہ اهي سندن اڳيان وٺي ڀڳا.


آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا ۽ چاليهہ هزار پيادا قتل ڪيا ۽ سندن لشڪر جي سپهہ‌سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيو جو هو اتي ئي مري ويو.


آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.


پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا. خداوند جا دشمن چراگاهن جي ساوڪ وانگر نابود ٿيندا. هائو، اهي ائين گم ٿي ويندا جيئن دونهون هوا ۾ گم ٿيو وڃي.


بيشڪ اي خداوند! تون هيبتناڪ آهين. تنهنجي غضبناڪ ڪاوڙ مهل ڪير تو آڏو بيهي سگھندو؟


دشمنن ان ول کي وڍي ڪيرايو آهي ۽ باهہ لڳائي اٿائونس. سو تون انهن ڏانهن قهر جي نظر ڪر ۽ کين فنا ڪري ڇڏ.


خداوند جي آڏو پهاڙ بہ ميڻ جيان رجي وڃن ٿا، هائو، انهيءَ ڌڻيءَ جي آڏو جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي.


جڏهن تون گجڪار ٿو ڪرين، ۽ پنهنجو جلال ٿو ڏيکارين، تڏهن غير قومن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي.


هائو، اهي ائين ڏڪڻ لڳن، جيئن سڪل ڪاٺين واري باهہ مٿان پاڻي ٽهڪندو آهي. اچ ۽ پنهنجي دشمنن کي اچي پنهنجي قدرت ڏيکار، تہ اهي تو کي ڄاڻي وٺن. هائو، پاڻ اچ ۽ قومن کي اچي ڏهڪاءِ.


جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو.


ڇو توهان جو حف نالي معبود هيٺ ڪري پيو آهي؟ ڇو توهان جو اهو زورآور بيهي ڪونہ سگھيو آهي؟ خداوند کيس چماٽ هڻي هيٺ ڪيرايو آهي.‘


تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.


پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا، جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي. جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا، جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.


جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ