Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:17 - Muslim Sindhi Bible

17 خداوند پنهنجي بي‌شمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


هو پردار آسماني مخلوق تي سوار ٿي اڏامندو آيو، هائو، هو واءُ جي بازن تي پرواز ڪندو آيو.


خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري.


خدا چيس تہ ”وڌيڪ ويجھو نہ اچ. پنهنجي پيرن مان جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ زمين آهي.“


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تخت‌گاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بي‌حرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.


پر جيڪڏهن هاڻي بني اسرائيل ۽ سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي مري ويل بادشاهن جا يادگار منهنجي هيڪل مان هٽائي ڇڏين، تڏهن آءٌ هميشہ جي لاءِ انهن منجھہ رهندس.


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


اي خداوند! ڇا اڳي تون ندين کان ناراض هئين؟ تنهنجي ڪاوڙ نهرن تي هئي ڇا؟ تنهنجو غصو سمنڊن جي خلاف هو ڇا؟ جو تون پنهنجي گھوڙن، ۽ فتح ڪندڙ جنگي گھوڙي گاڏين تي سوار هئين.


تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو.


ان وقت مون اهو ٻڌو تہ انهن ملائڪن جي لشڪر ۾ گھوڙي سوارن جو تعداد ويهہ ڪروڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ