9 هن اسان جي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، هن اسان کي موت کان بچائي ورتو آهي.
9 هو اسان جي جان کي جيئرو ٿو رکي، ۽ اسان جي پيرن کي ترڪڻ نٿو ڏئي.
انهن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو، بلڪ انهن سچارن جي ياد هميشہ تائين رهندي.
ڪاهن هيئن ٿو چوي تہ ”خداوند تنهنجو اهڙو محافظ آهي، جنهن کي ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو. اهو تنهنجي پيرن کي ترڪڻ نہ ڏيندو.
بدڪارن جي حڪومت سچارن جي ميراث واري ملڪ تي ڪڏهن بہ قائم رهي نہ سگھندي، انهيءَ لاءِ تہ متان سچار پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.
دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.
پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تانتہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.
رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.
جڏهن بہ مون محسوس ٿي ڪيو تہ منهنجو پير ترڪندو ٿو وڃي، تڏهن خداوند جي دائمي شفقت مون کي سنڀالي ٿي ورتو.
۽ اسين منجھس ئي جيئرا رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ خدا جو اولاد آهيون.‘
هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،
توڙي جو ڪو ماڻهو اُٿي توهان جو پيڇو ڪري ۽ توهان جي جان وٺڻ گھري، تڏهن بہ توهان جي جان خداوند توهان جي خدا جي مهربانيءَ سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندي، پر توهان جي دشمنن جي جانين کي هو ڄڻ کانڀاڻيءَ جي پيچ ۾ رکي پري اڇلائي ڇڏيندو.