2 اوهين سندس نالي جي عظمت جا گيت ڳايو، هائو، اوهين سندس شاندار واکاڻ بيان ڪريو.
2 هن جي نالي جي جلال جو گيت ڳايو: سندس تعريف جو جلال ظاهر ڪريو.
پوءِ لاوين مان يشوع، قدميايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.
ڪير آهي جيڪو خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي پوري واکاڻ ڪري سگھي؟
سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو.
اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو.
هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي.
شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.
اي اسان کي ڇڏائيندڙ خدا! پنهنجي نالي جي عظمت خاطر اسان جي مدد ڪر، هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب اسان کي ڇڏاءِ ۽ اسان جا گناهہ معاف ڪر.
اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ خداوند جي عظمت جي واکاڻ ڪريو، ۽ سندس وڏائي بيان ڪريو.
اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.
اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“
پوءِ سموري مخلوق جيڪا آسمان ۾، زمين تي، زمين جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي واکاڻ، عزت، عظمت ۽ قدرت شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“