17 مون کيس وڏي آواز سان مدد جي لاءِ پڪاريو هو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان سندس واکاڻ ڪئي هئم.
17 مون پنهنجي وات سان هن کي پڪاريو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي تعريف ڪيم.
خداوند جي ڪيل انهن سڀني مهربانين جي بدلي ۾، آءٌ کيس ڇا ٿو ڏيئي سگھان؟
اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس.
اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.
سو مون تنهنجي اڳيان گھڻو ٻاڏايو هو. مون مدد جي لاءِ تو خداوند آڏو پڪاريو هو تہ
”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟
مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو.