Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 65:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي خدا! تنهنجو درياءُ ٽمٽار آهي. تون زمين تي مِهر جي نظر ڪري ان کي ريج ڏين ٿو، ۽ انهيءَ کي سرسبز ڪرين ٿو. انهيءَ ريت زمين کي تيار ڪري، تون ماڻهن لاءِ اناج مهيا ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 65:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني.


هو اُتي ٻنيون ٿا پوکين ۽ انگورن جا باغ ٿا لڳائين، اهڙيءَ طرح اهي زمين جو جھجھو فصل حاصل ٿا ڪن.


هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو.


هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي.


اي خدا! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ دل سان تنهنجو طالبو آهيان، انهيءَ خشڪ ۽ پياسي زمين جيان، جيڪا پاڻيءَ لاءِ سِڪندي هجي. منهنجي جان تنهنجي پياسي ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


تنهنجي ڀلائيءَ سان سڄي سال لاءِ جھجھو اناج ملي ٿو. جڏهن تون ڌرتيءَ تي قدم ڌرين ٿو تڏهن اڻ‌مَئي پيداوار ملي ٿي.


ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


آءٌ مناسب ٿو ڄاڻان تہ اهي نشانيون ۽ عجيب ڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايان، جيڪي خدا تعاليٰ مون لاءِ ڪيا آهن.


تہ آءٌ اوهان جي لاءِ مندائتا مينهن وسائيندس، جنهن سان زمين پنهنجي پيداوار ڏيندي ۽ باغن جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي آبِ‌حيات جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ جڏهن نعوميہ موآب ملڪ ۾ ٻڌو تہ خداوند سندس قوم کي سٺو فصل ڏيئي کين برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي ٻنهي ننهن سميت موٽي اوڏانهن رواني ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ