Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 65:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اي خدا! تون جيڪو پوريءَ طرح قادر آهين، سو جبلن کي پنهنجيءَ قدرت سان قائم رکين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تون پنهنجيءَ قدرت جو سندرو ٻڌي، پنهنجيءَ طاقت سان جبلن کي قائم ٿو رکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 65:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي وفا پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهي ٿي، جيئن تو ڌرتيءَ جو بنياد وڌو آهي ۽ اها قائم آهي.


هن سمنڊن جي تري تائين زمين جو بنياد رکيو آهي، بيشڪ هن انهيءَ کي بحرن جي مٿان قائم ڪيو آهي.


اي خداوند! تون ئي بادشاهہ آهين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پهريل آهي. هن جهان کي تو اهڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آهي، جو ان کي ڪو لوڏو بہ اچي نہ ٿو سگھي.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“


اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.


هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.


زور وارن جا تيرڪمان هاڻي ٽُٽي پيا آهن، ۽ جيڪي ڪمزور هئا تن طاقت سان سندرو ٻڌو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ