زبور 65:5 - Muslim Sindhi Bible5 تون سچائيءَ وارن هيبتناڪ معجزن جي وسيلي اسان جا عرض اگھائين ٿو. اي اسان جا بچائيندڙ خدا! تون سڄيءَ دنيا جو، بلڪ جيڪي سمنڊ کان پري رهن ٿا تن سڀني جو بہ آسرو آهين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.
ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.