Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 65:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن کي تون چونڊي ويجھو ٿو آڻين، تان‌تہ اهي اچي تنهنجي بارگاهہ ۾ رهن. شال اسين تنهنجي گھر جي چڱين شين مان آسودا ٿيون، يعني مقدس هيڪل جون برڪتون ماڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 65:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


اي خداوند! تنهنجي مقدس خيمي منجھہ ڪير رهندا؟ تنهنجي پاڪ جبل تي ڪير اچي رهندا؟


اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


تنهنجي ڀلائي ۽ رحمت سڄي حياتي مون سان هونديون. اي خداوند! آءٌ هميشہ تنهنجي گھر ۾ پيو رهندس.


اي هيڪل جا دروازؤ! اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو. هائو، اي قديم دروازؤ! اوهين بلڪل اوچا ٿيو، تان‌تہ جلال وارو بادشاهہ اندر اچي.


بيشڪ اها قوم سڀاڳي آهي، جنهن جو معبود رڳو خداوند آهي. هن انهيءَ قوم کي پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


اهي تنهنجي در جي نعمتن مان کائي ڍءُ ڪن ٿا، تون انهن کي پنهنجي خوشين جي نديءَ مان پيئارين ٿو.


منهنجي نادانيءَ جي ڪري منهنجو پورو بدن ڦٽجي پيو آهي. اهي ڦٽ ايترا تہ ڪنا ٿي ويا آهن، جو انهن منجھان بانس ٿي اچي.


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ نيڪ بندي کي خداوند پنهنجي لاءِ مخصوص ٿو ڪري ڇڏي، سو مون کي يقين آهي تہ هو منهنجي پڪار ضرور ٻڌندو.


آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ رهن ٿا، اهي هميشہ تنهنجي واکاڻ پيا ڳائيندا رهن ٿا.


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ