اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہگاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.
ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.
تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بيعيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.