1 اي خدا! صيئون ۾ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ لازمي آهي، ۽ اهو بہ تہ تو وٽ باسيل باسون پوريون ڪيون وڃن.
1 اي خدا صيون ۾ تنهنجي تعريف جو انتظار آهي: ۽ تنهنجي مڃتا پوري ڪئي ويندي.
پوءِ دائود ان قلعي ۾ رهڻ لڳو، تنهنڪري اهو ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.
جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.
اي خداوند! تنهنجي قدرت جي ڪري اسين تنهنجي واکاڻ ڪنداسين. هائو، اسين گيت ڳائيندي تنهنجي عجيب ڪمن جي تعريف ڪنداسين.
اي خدا! جيڪي باسون مون تو وٽ باسيون هيون، سي آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قربانين طور پيش ڪندس.
آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي منهنجي حفاظت ڪري ٿو.
سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آسپاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.
هن جو گھر يروشلم شهر ۾ قائم آهي، هائو، صيئون جبل تي سندس رهڻ جو هنڌ آهي.