Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 64:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن سڀيئي ماڻهو ڊڄندا ۽ خدا جا اهي ڪم بيان ڪندا، ۽ چڱيءَ طرح سان سندس انهن ڪمن تي غور ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 64:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي دل تنهنجي قاعدن لاءِ هميشہ آسائتي رهي ٿي، هائو، تنهنجي قاعدن قانونن کي ڄاڻڻ جي ڏاڍي اڪير اٿم.


شال انهن تي ڀڙڪندڙ ٽانڊا وسايا وڃن! شال کين اهڙي اونهيءَ کڏ ۾ ڪيرايو وڃي جتان وري نہ نڪرن!


ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.


جتي اڳ ۾ هو بي‌خوف رهندا هئا، اتي کين سخت دهشت وٺي ويندي. شڪست هنن کي خوار خراب ڪندي، ڇوجو خدا کين رد ڪيو آهي. هائو، سندس قوم جو گھيرو ڪندڙن جي هڏين کي خدا دز ڪري ڇڏيندو.


تڏهن هر ڪو هيئن چوندو تہ ”بيشڪ سچارن لاءِ اجر آهي. يقيناً خدا آهي جيڪو دنيا ۾ انصاف ڪري ٿو.“


تون پنهنجي غضب سان کين فنا ڪري ڇڏ، اهڙو فنا ڪرين جو بلڪل نابود ٿي وڃن. پوءِ سڄي دنيا ڄاڻي وٺندي تہ بني اسرائيل تي تون خدا حڪمران آهين.


اوهين پنهنجي محفلن ۾ خوشيون ملهائيندي دنبورا، سارنگيون، دڦ ۽ بانسريون ٿا وڄايو، ۽ مئي جا جام پيئندا ٿا رهو. پر اوهين انهن ڪمن تي ڪو ڌيان نہ ٿا ڏيو، جيڪي خداوند ڪري ٿو.


بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بي‌ڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.


هائو، جڏهن اوهين انهن جا طور طريقا ۽ افعال ڏسندا تڏهن اوهان کي معلوم ٿيندو تہ مون انهن سان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو بي‌سبب نہ ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ