Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 64:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سندن ئي زبان سندن برباديءَ جو سبب بڻبي، ۽ پوءِ جيڪو بہ انهن کي ڏسندو، سو حيرت وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اهي پنهنجي زبان جي ڪري پاڻ ڌڪو کائيندا: ۽ جيڪي کين ڏسندا سي سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 64:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خود تنهنجي پنهنجي زبان تو کي گنهگار ٿي قرار ڏئي، نڪي آءٌ. هائو، خود تنهنجيون ڳالهيون تنهنجي خلاف شاهدي ٿيون ڏين.


جيڪي پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري چوڌاري مون کي گھيرو ڪن ٿا، تن جا بڇڙائيءَ وارا دڙڪا شال سندن مٿان ئي پون!


۽ وڄ کي پنهنجي تيرن جيان ڪيراءِ تہ ڌاريا ماڻهو ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن.


جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي مون تي کلندا ٿا وتن. هو منهنجا چٻرا ٿا ڪڍن ۽ ڪنڌ کي لوڏو ڏيئي هيئن چون ٿا تہ


مون کان نہ رڳو دشمن نفرت ڪن ٿا، بلڪ دوست بہ مون کان حقارت ٿا ڪن. منهنجا واقف منهنجي حالت ڏسي ڊڄيو ٿا وڃن. جڏهن هو مون کي واٽ تي ڏسن ٿا، تڏهن مون کان ڀڄي پاسو ٿا ڪن.


سچار ماڻهو تنهنجو حال ڏسي عبرت حاصل ڪندا. پوءِ اهي تو تي کلندا ۽ تنهنجي لاءِ هيئن چوندا تہ


ڪوڙ ۽ پاراتن جي ڪري شال هو پنهنجي مغروريءَ ۾ پڪڙيا وڃن! شال اهي پنهنجي وات جي گناهہ ۽ زبان جي ڳالهين جي ڪري جھليا وڃن!


تون جڏهن ظاهر ٿو ٿئين، تہ منهنجا دشمن پٺتي هٽيو ٿا وڃن، تو کي ڏسي هو ڦهڪو ڏيئي ڪرن ٿا ۽ مريو ٿا وڃن.


بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.


بي‌وقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


اي موآب وارؤ! ڇا خداوند جي قوم اوهان جي لاءِ کل ٺٺوليءَ جو باعث ڪين هئي؟ انهيءَ قوم کي چورن سان گڏ ڏٺو ويو هو ڇا، جو اوهين جيترا ڀيرا هن جو ذڪر ٿا ڪريو اوترا ڀيرا اوهين منهن کي موڙو ٿا ڏيو؟


پوءِ جيڪو بہ تو کي ڏسندو سو تو کان ڀڄي پري ٿيندو، ۽ چوندو تہ ’ڏسو، نينواہ تہ کنڊر بڻجي ويو آهي. ڪير ان تي ترس کائيندو؟ ڪير آهي جيڪو هن کي دلاسو ڏئي؟‘“


سڀ بني اسرائيل جيڪي انهن جي آس‌پاس هئا سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا. رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”اُٿو! ڀڄو! متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.“


انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“


هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي خبر بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،


اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ