7 مگر خدا انهن کي پنهنجي تيرن سان چُٽيندو، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُهي ڦهڪو ڪري ڪرندا.
7 پر خدا انهن کي تير هڻندو؛ ۽ اهي اوچتو ڦٽجي پوندا.
هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخياب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“
قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.
هن پنهنجا تير هلائي منهنجي دشمنن کي ڪڻو ڪڻو ڪيو، هائو، هن وڄ مٿان وڄ جو چمڪو موڪلي کين شڪست ڏني.
۽ تاڙ ڪري اوچتو ئي بيڏوهن کي تير ٿا هڻن، ۽ ڪنهن کان بہ نہ ٿا ڊڄن.
پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا.
جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.
انهيءَ ڪري اوچتو ئي اوچتو مٿن آفت اچي ڪڙڪندي ۽ اهي ڀڄي ڀُري ويندا. سندن زخم لاعلاج هوندا.
هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.
تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟
انهيءَ وقت جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.
آءٌ انهن تي هر طرح جي آفتن جا انبار لڳائي ڇڏيندس، هائو، آءٌ پنهنجو هر هڪ تير انهن تي کپائي ڇڏيندس.
آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘