4 ۽ تاڙ ڪري اوچتو ئي بيڏوهن کي تير ٿا هڻن، ۽ ڪنهن کان بہ نہ ٿا ڊڄن.
4 تہ ڪامل ماڻهوءَ کي لڪي تير هڻن، اهي اوچتا تير ٿا هڻن ۽ ڊڄن نٿا.
سو دائود پنهنجي سڀني عملدارن، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم ۾ هئا، تن کي چيو تہ ”هلو تہ ڀڄي هلون، نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابيسلوم کان ڀڄي ڪين سگھندو. جلدي ڪري نڪري هلو، متان هو تڪڙو اچي اسان تي ڪڙڪي ۽ اسان تي مصيبت آڻي ۽ شهر تي حملو ڪري سڀني کي ناس ڪري ڇڏي.“
اسان جا دشمن پڻ چوندا رهيا تہ ”انهيءَ کان اڳ جو هنن کي ڪا خبر پئجي وڃي ۽ ڄاڻي وٺن، اسين منجھن پهچي وينداسين ۽ کين ماري ڇڏينداسين. اهڙيءَ طرح سندن ڪم رڪجي ويندو.“
اوهين چئو ٿا تہ ”ڏس، بڇڙا پنهنجي تيرڪمان کي تيار ٿا ڪن. هو تير کي زِهَہ تي چاڙهين ٿا، انهيءَ لاءِ تہ اوندهہ مان اهو سچيءَ دل وارن کي هڻن.
خدا، جيڪو ازل کان تختنشين آهي، سو ضرور منهنجي ٻڌندو ۽ انهن کي خوار خراب ڪندو، ڇوجو اهي نڪي سڌرن ٿا ۽ نہ ئي وري خدا کان ڊڄن ٿا.
اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين.
اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي.
مگر خدا انهن کي پنهنجي تيرن سان چُٽيندو، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُهي ڦهڪو ڪري ڪرندا.
جڏهن انهيءَ جو لشڪر اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي جيان نڪري آيو هو، هائو، اهي اهڙا سرها ٿي لڳا، جو ڄڻ تہ لڪي ويل مسڪينن کي ڳهي وڃڻ وارا هجن، تڏهن تو انهيءَ جي سپهہسالار کي سندس ئي تيرن سان چيري ڇڏيو هو.
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي صليب تي چاڙهيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
سو هن ائين دل ۾ چوندي پنهنجو نيزو اڇلايو تہ ”آءٌ دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏيندس.“ پر دائود ٻہ دفعا سندس نشانو گسائي ويو.
سائول ارادو ڪيو تہ هو نيزي سان دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏي، پر دائود سندس اڳيان کسڪي نڪري ويو ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو. دائود ڀڄي ويو ۽ بچي نڪتو.