Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 64:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهي پنهنجيون زبانون تلوار جهڙيون تکيون ٿا ڪن، بلڪ سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ پنهنجا تيرڪمان ڇڪين ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 64:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين چئو ٿا تہ ”ڏس، بڇڙا پنهنجي تيرڪمان کي تيار ٿا ڪن. هو تير کي زِهَہ تي چاڙهين ٿا، انهيءَ لاءِ تہ اوندهہ مان اهو سچيءَ دل وارن کي هڻن.


بدڪارن مون لاءِ جيڪو ڦندو اَڏايو آهي، هائو، جيڪا ڦاهي مون لاءِ اڏي اٿائون، تنهن کان مون کي بچائي وٺ.


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


شل تہ اهي بدڪار هاريل پاڻيءَ وانگر گم ٿي وڃن. جڏهن اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪين تڏهن سندن تير مڏا ٿين.


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بي‌گھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ