1 اي خدا! منهنجو فرياد ٻڌ. تون مون کي خوفناڪ دشمنن کان محفوظ رک.
1 اي خدا منهنجي فرياد جو آواز ٻڌ: دشمن جي ڊپ کان منهنجي جان بچاءِ.
اي خداوند! مون کي بڇڙن ماڻهن کان ڇڏاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک،
اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجي فرياد تي پنهنجو ڪن ڏي، ۽ جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پيو پڪاريان، تون منهنجي ضرور ٻڌجانءِ. مون تي پنهنجو رحم ڪري منهنجي مدد ڪجانءِ.
مون خداوند کان دعا گھري ۽ هن منهنجي ٻڌي آهي. هن مون کي منهنجي سڀني خوفن کان ڇڏائي ورتو آهي.
۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘