2 ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تانتہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.
2 اهڙي طرح مون پاڪ مڪان ۾ تو لاءِ نهاريو، تہ تنهنجي قدرت ۽ جلال ڏسان.
اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو، اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.
اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو. اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.
اوهين پنهنجا هٿ مقدس جاءِ ڏانهن کڻو، ۽ خداوند جي واکاڻ ڪريو.
اهي تنهنجي شاهي شان وَ شوڪت جو ذڪر ڪندا رهندا، ۽ تنهنجي قدرت جون ڳالهيون پيا ڪندا،
آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.
رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“
تڏهن آءٌ خدا جي قربانگاهہ وٽ ويندس، هائو، پنهنجي انهيءَ خدا وٽ، جيڪو منهنجي خوشين جو سرچشمو آهي. اي خدا! اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي تنهنجي واکاڻ ڳائيندس.
بيشڪ تون اهڙو خدا آهين، جيڪو بڇڙائيءَ کان خوش نہ ٿيندو آهين، بلڪ بدڪار تہ تنهنجي ويجھو بہ ڪين ٿا رهي سگھن.
اي خدا! هر ڪو تنهنجي فاتحانہ آمد ڏسي پيو. هائو، سڀ ماڻهو تو منهنجي خدا، منهنجي بادشاهہ جي مقدس جاءِ ۾ آمد ڏسن پيا.
پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.
بيشڪ عظمت ۽ حشمت هن جي ئي حضور ۾ آهن، ۽ طاقت ۽ حسن بہ سندس مقدس ترين جاءِ ۾ آهن.
لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو، يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ. انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي. هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي، تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.
آءٌ ڪاهنن کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيندس، ۽ منهنجي قوم منهنجي نعمتن سان مالا مال ٿي ويندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“