3 تون هڪ اهڙو مضبوط منارو آهين، جيڪو دشمن کان بچڻ جي لاءِ منهنجي پناهہ آهين.
3 ڇالاءِ جو تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دشمن کان بچڻ جي لاءِ مضبوط ٺلهہ آهين.
جيئن تہ هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي کيس پڪاريندو رهندس.
اي خداوند! اي منهنجا ڌڻي! اي مون کي ڇڏائڻ واري طاقت! جيئن جنگ ۾ تو ئي منهنجي حفاظت ٿي ڪئي،
خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِپناهہ آهي.
مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.
بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِپناهہ آهي.
خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.
هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.