زبور 60:2 - Muslim Sindhi Bible2 تو ڌرتيءَ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ۽ تو ئي ان کي چيري ڇڏيو آهي. پر هاڻ تون انهيءَ جا چير بند ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها سخت لوڏي ۾ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 تو زمين کي ڏڪائي ڇڏيو آهي؛ تو اُنهيءَ کي چيري ڇڏيو آهي: تون انهيءَ جون چيرون بند ڪر ڇو جو اُها لڏي ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“