Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 60:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 60:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“


همت ٻڌُ تہ اسين پنهنجيءَ قوم لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادريءَ سان وڙهون. خداوند اهو ئي ڪجھہ ڪندو جيڪي سندس نظر ۾ چڱو هوندو.“


خداوند پنهنجو زورآور هٿ بلند ڪيو آهي! خداوند پوري قدرت سان فتح بخشي آهي!‘


شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو.


تو اسان جي دشمنن اڳيان اسان کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، ۽ انهن اسان جو مال ملڪيت لٽيو ڦريو آهي.


اسان پنهنجن دشمنن کي تنهنجي مدد سان ڌڪي ٿي ڪيرايو، ۽ تنهنجي ئي نالي سان پنهنجن مخالفن کي لتاڙي ٿي ڇڏيو.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.


سڀيئي يهوداہ وارا اهڙا تہ جنگي جوڌا ٿيندا، جو لڙائيءَ ۾ پنهنجي دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيندا. جيئن تہ آءٌ خداوند انهن سان گڏ آهيان، تنهنڪري هو وڙهندا، ۽ گھوڙي سوارن کي اونڌي منهن ڪيرائي ڇڏيندا.


جنهن ڏينهن آءٌ ائين ڪندس تنهن ڏينهن بدڪار اوهان جي پيرن هيٺان لتاڙبا ۽ اوهان جي پيرن جي خاڪ بڻجي ويندا.


ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جابلو علائقو ڏي جنهن جو خداوند انهيءَ ڏينهن مون سان واعدو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن توهان ٻڌو هو تہ اتي عناق جو راڪاس جهڙو اولاد رهي ٿو ۽ اتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن. خداوند منهنجي مدد ڪئي تہ پوءِ آءٌ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.“


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ