3 منهنجي جان بہ بلڪل بيچين ٿي ويئي آهي. سو اي خداوند! منهنجي مدد ڪرڻ واسطي تون مون کي ڪيستائين ترسائيندين؟
3 منهنجو روح بہ گهڻو بيچين آهي؛ پر تون اي خداوند، ڪيستائين؟
آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.
آءٌ تمام نستو ۽ بلڪل ئي چيڀاٽيل آهيان. آءٌ پنهنجي دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.
پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بيقراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.
ڇا ڌڻي اسان کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو؟ ڇا هو اسان تي وري ڪڏهن بہ مهربان نہ ٿيندو؟
تانتہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.
اي خداوند! هاڻ تہ اسان سان پرچي پئُہ، تون ڪيستائين ڪاوڙيل رهندين! هاڻي تہ پنهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.
عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.
اي خداوند! تنهنجي ئي شفا بخشڻ سان آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس. تنهنجي ئي بچائڻ سان آءٌ بلڪل بچي ويندس، بيشڪ اهو تون ئي آهين جنهن جي آءٌ واکاڻ ٿو ڪريان.
سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“
تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟
پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.