Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 59:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڏس، اهي پنهنجي وات مان الٽيءَ جيان لفظ ٿا ڪڍن. هائو، انهن جي چپن منجھان تلوار جهڙا تکا لفظ ٿا نڪرن. هو ائين ٿا سمجھن تہ ”اسين جيڪي بہ ڪريون ٿا سو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 59:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي بدڪار دل ۾ هيئن ٿا چون تہ ”خدا کي ڪو فڪر ئي ناهي، هن اکيون بند ڪيون آهن، سو اسان ڏانهن ڪين ٿو ڏسي.“


اي خدا! ائين ڇو آهي جو بدڪار ماڻهو تنهنجي حقارت ٿا ڪن؟ ائين ڇو آهي جو هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ تون کانئن بدلو ڪين وٺندين؟


سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


اهي چوندا وتن ٿا تہ ”خدا ڪين ٿو ڄاڻي سگھي،“ ۽ هيئن بہ ٿا چون تہ ”خدا تعاليٰ کي ڪا خبر نہ پوندي.“


ڪيستائين اهي سڀ بدڪار بڪ بڪ پيا ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اهي مغروريءَ سان ڳالهائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا رهندا؟


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بي‌عقلن جي وات مان بي‌وقوفي وهيو نڪري.


سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن.


”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن.


اهي مون کي گھٽ وڌ پيا ڳالهائين، ۽ سڄو ڏينهن پاڻ ۾ منهنجي خلاف سازشون پيا جوڙين.


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ