Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 59:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي اسان جا ڌڻي! اي اسان جا محافظ! انهن کي هڪدم قتل نہ ڪر، متان منهنجي قوم تو کي وساري ويهي. اٽلندو تون پنهنجيءَ قدرت سان انهن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڪيرائي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهن کي قتل نہ ڪر، متان منهنجا ماڻهو وساري ڇڏين: اي خداوند اسان جي سپر پنهنجي قدرت سان انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪيرائي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 59:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، هر مغرور کي نيچ ڪري ڇڏ، ۽ شرير ماڻهو جتي بہ هجن اتي کين ڪچلي ڇڏ.


۽ سندن نسلن کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس. هائو، انهن کي آءٌ سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.“


خداوند مون سان گڏ آهي ۽ اهو ئي منهنجي مدد ڪندو. هائو، منهنجي ڏسندي هو منهنجي دشمنن کي شڪست ڏيندو.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


تو اسان کي ڪُسڻ وارين رڍن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ قومن منجھہ اسان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿيئي.


تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


اي خدا! تون اسان جي محافظ بادشاهہ تي پنهنجي نظر ڪر. جنهن کي تو مسح ڪري مخصوص ڪيو آهي تنهن تي مِهر جي نظر ڪر.


”اسين سڀيئي مرنداسين،“ جڏهن تہ مئل انسان کي ڪوبہ آسرو ڪونہ آهي، بلڪ هن دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ انهن کي ايترو بہ اجر ڪونہ ٿو ملي جو کين ياد ڪيو وڃي.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


پوءِ جيڪي هن شهر ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گھڙن، بلڪ يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.


پر دائود جو ضمير کيس ملامت ڪرڻ لڳو، جو هن سائول جي جبي جو دامن ڪپي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ