Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 58:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ کان اڳ جو چاڙهيل ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو تؤ اچي، تون بڇڙن کي واچوڙي سان اڏائي وڃ، پوءِ اهي ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 58:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کين جيئرن جي روشن دنيا کان مئلن جي انڌيري دنيا ڏانهن هڪاليو ويندو، هائو، هن دنيا مان کين تڙيو ويندو.


جھولو کين اڏائي گم ڪيو ڇڏي، هائو، اهو کين پنهنجيءَ جاءِ تان ٻهاريو ڇڏي.


يا وري ڪچن مهينن جي ڪريل ٻار جيان لڪائي دفنايو وڃان ها! هائو، انهيءَ ٻار وانگر جيڪو ڪڏهين روشني ڪين ڏسي ٿو.


بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.


پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن.


اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


هائو، جڏهن دهشت اوهان مٿان طوفان جيان اچي ڪڙڪندي، ۽ مصيبت، تنگي ۽ ڏک اوهان کي خوفناڪ واچوڙي جيان اچي وڪوڙيندا،


مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا.


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


بي‌عقل ماڻهوءَ جو کلڻ ائين آهي، جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن جي سڙڻ جو ٽڙڪو هوندو آهي، جنهن مان ڪجھہ حاصل نہ ٿو ٿئي.


هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.


اهي اهڙن ٻوٽن مثل آهن، جيڪي ٿُڏن وانگر اڃا لڳايا ئي مس ويا، هائو، اهي اڃا پوکيا ئي مس ويا، ۽ هنن جي ٿُڙ اڃا زمين ۾ پاڙ ئي نہ هنئي تہ خدا جي ڦوڪ سان اهي سڪي سڙي ويا، ۽ واچوڙو انهن کي بُهہ وانگر اڏائي کڻي ويو.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ