2 نہ، اوهين تہ پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو، بلڪ پنهنجي هٿن سان ڌرتيءَ تي ظلم ٿا ورهايو.
2 اوهين دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو؛ ۽ زمين تي پنهنجن هٿن جو ظلم توري ويٺا ڏيو.
جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.
معبودن جي مجلس ۾ خدا پاڻ موجود آهي، هائو، انهن معبودن جي هو پاڻ عدالت ڪري ٿو.
اهي بيانصاف جج، جيڪي قاعدن قانونن جي اوٽ ۾ ناانصافي ٿا ڪن، تن سان خداوند جو ڪوبہ واسطو ڪونهي.
مون اهو بہ جاچي ڏٺو تہ دنيا ۾ هر هنڌ چڱائيءَ بدران بڇڙائي ۽ انصاف بدران ناانصافي پيئي ٿئي.
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي بيانصافيءَ سان فيصلو ڪن ٿا، هائو، جيڪي ظلم وارا قانون جاري ٿا ڪن.
سچارن جي رستي ۾ ڪو کڏو کوٻو ڪونهي، هائو، اي خداوند! تون ئي سندن رستو سنئون سڌو بڻائين ٿو.
تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.
بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.
اوهين هي بہ چئو ٿا تہ ’ڪافر ماڻهو نيڪبخت آهن، بدڪار ماڻهو وڌن ويجھن ٿا ۽ انحرافي ڪرڻ کان پوءِ بہ سزا کان بچي ٿا وڃن.‘“