Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 57:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي منهنجي جان جاڳ؛ منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو: آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 57:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح اهي دنبورا، سارنگيون ۽ شرنايون وڄائيندا يروشلم ۾ هيڪل وٽ اچي گڏ ٿيا.


نفيلن جي آواز سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو، سارنگين ۽ دنبورن سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو.


انهيءَ ڪري آءٌ پوريءَ طرح امن وَ سلامتيءَ سان رهان ٿو، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان خوشيون ٿو ملهايان.


سو منهنجا دشمن جيڪي منهنجي چوڌاري آهن، تن تي آءٌ غالب پوندس. تڏهن مقدس خيمي اندر آءٌ خوشيءَ جي نعرن سان قربانيون ڪندس. آءٌ ڳائيندي وڄائيندي خداوند جو حمد وَ ثنا ڪندس.


تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.


تڏهن آءٌ خدا جي قربان‌گاهہ وٽ ويندس، هائو، پنهنجي انهيءَ خدا وٽ، جيڪو منهنجي خوشين جو سرچشمو آهي. اي خدا! اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي تنهنجي واکاڻ ڳائيندس.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.


تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي ۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي، بلڪ منهنجو فاني جسم بہ اميد سان ڀريل رهندو.


هنن اسان کي سڏيندي چيو تہ ’جاڳ، اي دبورہ! جاڳ، اچ ۽ ڳاءِ ڪو راڳ! اُٿ، اي برق! اُٿ، اي ابي‌نوعم جا پٽ! اُٿ! هل، تون پنهنجي دشمنن کي قيد ڪرڻ لاءِ هل!‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ