Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 57:1 - Muslim Sindhi Bible

1 رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 57:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.


مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي.


اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


اي خدا! تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ بيش‌بها آهي! بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺن ٿا.


اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا.


ٻڌايو، اي حاڪمؤ! ڇا سچ پچ اوهين انصاف ڪريو ٿا؟ ٻڌايو، ڇا اوهين پنهنجي عوام جو صحيح فيصلو ڪريو ٿا؟


اي منهنجا خدا! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ. جيڪي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تن کان مون کي بچاءِ.


ڪاش! آءٌ هميشہ تنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهان، تہ جيئن مون کي تنهنجي پرن هيٺان پناهہ ملي.


ڇاڪاڻ تہ تون سدائين منهنجو مددگار رهيو آهين. تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ آءٌ خوشيءَ وچان پيو ڳايان ٿو.


اسين شڪر ڪريون ٿا، اي خدا! اسين تنهنجو شڪر ٿا ڪريون. اسين تنهنجي نالي جي واکاڻ ٿا ڪريون، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ڪريون ٿا.


جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


هو اوهان تي پنهنجي پرن جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اوهين سندس حفاظت ۾ رهندا. سندس وفا اوهان جي واسطي ڍال ۽ پناهہ ٿيندي.


اوهان خداوند کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ بڻايو آهي، بيشڪ اوهان خدا تعاليٰ کي پنهنجو محافظ بڻايو آهي.


ڏسو، هاڻي آءٌ ٿوريءَ ئي دير ۾ پنهنجي غضب کي ڍرو ڪري اوهان کي سزا ڏيڻ بند ڪندس ۽ پوءِ آءٌ انهن اشورين تي پنهنجو قهر نازل ڪري کين ناس ڪندس.


اي منهنجي قوم وارؤ! پنهنجي گھرن اندر گھڙي وڃو، ۽ پٺيان دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي لڪايو، جيستائين خدا جي ڪاوڙ لهي وڃي.


اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.


مون خداوند کان دعا گھري تہ ’اي خداوند خدا! تنهنجي قوم جيڪا تنهنجي ئي ميراث آهي تنهن کي برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ عظمت سان ڇڏايو آهي، جنهن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


شال خداوند تو کي تنهنجي ڪم جو اجورو ڏئي، شال خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان تو کي پورو انعام ملي، هائو، انهيءَ کان جنهن جي پرن جي پاڇي هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.“


پوءِ دائود جات شهر کان ڀڄي نڪتو ۽ عدلام شهر جي ڀر واري غار ۾ آيو. جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اهي اتي وٽس اچي پهتا.


رستي ۾ هو رڍن جي واڙن وٽ اچي پهتو جتي هڪڙي غار هئي. سائول حاجت رفع ڪرڻ لاءِ انهيءَ غار ۾ گھڙي ويو. اتفاق سان انهيءَ ئي غار جي اندرين حصي ۾ دائود پنهنجي ماڻهن سميت لڪو ويٺو هو.


تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.


تڏهن دائود بہ اٿيو ۽ غار مان نڪري اچي سائول کي سڏي چيائين تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ!“ سائول منهن ورائي پٺتي نهاريو تہ دائود منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏني


پر دائود چيس تہ ”هن کي نہ مار، ڇاڪاڻ تہ ڪير آهي جيڪو خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کڻي ۽ پوءِ بہ بي‌گناهہ رهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ