Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 56:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هائو، منهنجا دشمن هر وقت مون کي ايذائيندا رهن ٿا. اهي تمام گھڻا آهن جيڪي مون سان وڙهن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 منهنجا دشمن مون کي سڄو ڏينهن ڳهي وڃڻ ٿا گهرن: ۽ جيڪي مغروريءَ ۾ مون سان وڙهن ٿا سي گهڻيئي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 56:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! مون کي ستائڻ وارا ڪيڏا نہ گھڻا ٿي ويا آهن! هائو، گھڻا ئي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.


اي خداوند! جيڪي مون سان جھڳڙو ڪن ٿا، تن سان تون جھڳڙو ڪر. هائو، تون انهن سان وڙهہ جيڪي مون سان وڙهن ٿا.


منهنجا دشمن ساڙ منجھان مون لاءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ ”ڪڏهن هن تي موت ايندو، ۽ ڪڏهن سندس نالو ميٽجي ويندو؟“


شال هو منهنجي دشمنن تي سندن بڇڙائي موٽائي آڻي! شال هو مون سان وفا ڪندي کين برباد ڪري ڇڏي!


هو عرش تان ورندي ڏئي مون کي بچائي وٺندو، ۽ انهن کي ملامت ڪندو جيڪي مون کي ايذائين ٿا. خدا پنهنجي وفا ۽ دائمي شفقت ضرور ڏيکاريندو.


تنهنجي ڪري آءٌ سرهو ٿيندس ۽ خوشيون ملهائيندس، اي خدا تعاليٰ! آءٌ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


تو خداوند جو شڪر ادا ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي! اي خدا تعاليٰ! تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!


اي خداوند! رڳو تون ئي، هائو، رڳو تون ئي هميشہ لاءِ سربلند آهين.


پر اي خداوند! تون انهن بحرن جي گوڙ شور کان وڌيڪ قوي آهين. تون سمنڊن جي وڏين ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهين. هائو، عرش عظيم تي سڀني جي مٿان قادر تون ئي آهين.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.


پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟


اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ